اسلام آباد ??? 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجو??زن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ موجب بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن توانائي واري وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجو??زن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون جڏهن ته حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪ??دي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويزون منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ڇو ته انهن تجو??زن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳو وفاقي ڪابينا آهي.