نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ساليانو 100 ار?? ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان م??حولياتي تبديلي جي لاءِ 100 ار?? ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي ??عال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين م??دود رکڻ جي هدف جي لاءِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حوالي سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن م??ن هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ار?? ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدرآمد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي جي لاءِ 13 ار?? ڊالر جاري ڪرڻ کي ??قيني بڻائيندا.