نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب ٻنهي پرڏيهي وزير?? جي وچ ۾ اها ملاقات گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قوم?? جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي.