لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پاڪستاني واپارين جي وفد پاڪستان هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي اجاگر ڪيو جن ۾ پاڪستاني رپيو مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي مضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻاهرئين کاتن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ا??يد هئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ??يڙ??ڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي ??هم شعبن ۾ ??يڙ??ڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ??يڙ??ڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪرائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌائڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ??يڙ??ڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آ??ي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ واپارين کي پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ ??يڙ??ڪاري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن نگران وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي ??يڙ??ڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن ا??يد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران وزيراعظم کي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.