اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو ٿي ويو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران و??ير??عظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابي سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران و??ير??عظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي ”اوپن عالمي معيشت ۾ رابطا) جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران و??ير??عظم چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ٻطرفي ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربر??هن سان پڻ ملاقات ڪندو. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ نگران و??ير??عظم اورمچي جو دورو ڪندو جتي نگران و??ير??عظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو.