اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته فلسطين تي اس??ائيلي جارحيت جي ??عاملي تي پاڪستان سميت سمورن اسلامي ملڪن جامع ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، غزه ?? فوري جگبندي ڪئي وڃي، اس??ائيل والاريل علائقو خالي ڪري ۽ فلسطينين کي انساني بنيادن تي امداد جي ??وري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بيگناهه فلسطينين تي اس??ائيلي ظلمن جي خلاف رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران پرڏيهي وزي چيو ته فلسطينين جي ??اءِ مدلل انداز ۾ آواز اٿارڻ تي ايوان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جهڙي طرح ڪشمير مسئلو پراڻو ۽ حل طلب تڪرار آهي اهڙي طرح فلسطين به پراڻو حل طلب تڪرار آهي، ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن پر ان??ن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن چيو ته اس??ن اڄ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون، اهو اس??ن جو مذهبي ۽ قومي فرض آهي جهڙي طرح فلسطين جي عوام اس??ائيل جي غاصباڻي قبضي کانپوءِ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، سوين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ان جي ??ذمت ڪريون ٿا ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، ان??ن جي ??ر ممڪن مدد ڪرڻ قومي فرض آهي ۽ اهميت رکندڙ آهي، اس??ائيل گذريل 17 سالن کان غزه تي قابض آهي. هن چيو ته اس??ائيل 7 آڪٽوبر کانپوءِ اتي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ان جو موجوده دور ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته يونيسيف جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته گذريل ٻن هفتن کان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان سان غزه قبرستان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن موجب 8500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، ان??ن ۾ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ٻار شامل آهن، 25 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي آهن، 222 اسڪولن ۽ هڪ لک 80 هزار گهرنک ي تباهه ڪيو ويو، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ دستياب نه آهي. هن چيو ته اس??ائيل اسپتالن تي 35 جي ??ڳ ڀڳ حملا ڪيا آهن، اتي ماڻهن جو حال پڇڻ وارو ڪير نه آهي، زخمين جي عيادت ڪندڙ ڪير به نه آهي، علاج جون سهولتون دستياب نه آهن، نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي ??اءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته جباليه تي اس??ائيلي حملي ۾ سوين شهادتون ٿيون آهن، اس??ائيلي حملا رڳو غزه تائين محدود نه آهن پر ان??ن جو دائرو والاريل بيت المقدس سميت ٻين علائقن تائين وڌايو ويو آهي، تصديق ٿيل اطلاعن موجب شهادتن جو اصل انگ ان کان به وڌيڪ آهي، ان معاملي تي پاڪستان فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، اس??ن واضح بيان ڏنو، حڪومت ۽ سينيٽ به ان حوالي سان واضح پيغام ڏنو آهي، نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي، مون پاڻ اسلامي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪئي ۽ سعودي عرب سميت ٻين هم خيال ملڪن سان گڏجي ان حوالي سان هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب او آءِ سي جو گڏيل اجلاس گهرايو. هن چيو ته جده ۾ غيرمعمولي اجلاس ۾ سمورن ملڪن جي ??رڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته فوري طور تي جنگ بندي ڪئي وڃي، غزه سميت متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي فوري امداد فراهم ڪئي وڃي، قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ امن عمل شروع ڪيو وڃي، اس??ائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو مثال قائم ڪيو آهي، اس??ائيل عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو آهي، 1967ع ۾ قرارداد نمبر 242 اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي، گڏيل قومن جي ان قرارداد ۾ اس??ائيل جي ??بضي کي ناجائز قرار ڏنو ويو. ٻي قرارداد 478 اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ چيو ويو ته جن ملڪن پنهنجا سفارتخانا والاريل بيت المقدس منتقل ڪيا آهن اهي اتان واپس اس??ائيل منتقلڪن. ٽين قرارداد 2334 آهي جنهن ۾ والاريل علائقن ۾ اس??ائيلي آبادڪاري کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اس??ائيل ان??ن قراردادن جي ??اسداري نه ڪئي ۽ نه ئي ان جي حامين ان??ن قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??اليسي جي اهم نقطن ۾ اهو شامل آهي ته اس??ائيل والاريل علائقن مان انخلا ڪري، انساني حقن جون پائماليون بند ڪري، گڏيل قومن جي ??رارادادن موجب آزاد فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته اس??ن سڀ فلسطيني عوام جي ??اءِ آزادي، امن ۽ روشني جا خواهشمند آهيون، اميد آهي ته انصاف ظلم ۽ ڏاڍ تي حاوي ٿيندو ۽ عالمي ضمير تنگ نظري تي ٻڌل مفادن کي شڪست ڏيڻ جي ??ابل ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ۽ عوام پاران ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سدائين گڏ بيٺل رهنداسين.