اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاداڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي پيداوار آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون، ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي. اها ڳالهه هن ??ارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان مل??قات دوران ڳالهائيندي ڪئي. مل??قات ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ جمهوري عمل ۾ ا??پن ڊائيلاگ ۽ معلومات تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ذميواراڻي صحافت وقت جي ضرورت آهي، غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرا صحيح رخ وٺي سگهن ??ا. سينيٽ چيئرمين جمهوريت جي بنيادي قدمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ غيرجانبدار ميڊيا منظرنامي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ميڊيا شهرين کي صحيح، وقت سر ۽ غيرجانبداراڻي معلومات فراهم ڪري انهن بنيادي قدرن جي محافظ طور ڪم ڪري ٿي.