اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته به??ره ڪهو فلائي اوور ڪِرڻ بابت انڪوائري رپ??رٽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر هدايت الله جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڪوائري رپ??رٽ جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪنداسين، رپ??رٽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. چيئرمين هدايت ڪئي ته انڪوائري رپ??رٽ جي تفصيلن کان ايوان کي به آگاهه ڪيو وڃي.