اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير ??د?? علي سنڌي خاطري ڪرائي آهي ته ڊيلي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خاطري ڊيلي ويجز ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه 227 ڊيلي ويجز ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي ب?? منظور ڏني آهي. هن چيو ته انهن ڊيلي ويجز ملازمن ايف پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ انهن کي هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم ??ڱي??َ ريت انجام ڏئي سگهن. هن سرڪاري شعبي خاص ڪري وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ تعليم جي معيار کي ب??ند ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ به اولين ترجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني ب??ائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.