اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪا??وبار کي سهولت ڏيڻ جي لا??ِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات ج?? شعبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪا??پوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي و??ري نگران وفاقي و??ير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي و??پاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لا??ِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪا??وبار کي سهولت ڏيڻ جي لا??ِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل سالٽ جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.