اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسان کي بحيثيت قوم رنڊڪن کي ختم ڪرڻ، ضرورتمندن جي لاءِ مدد جو هٿ وڌائڻ ۽ سڀني جي لاءِ هڪ روشن ۽ خوشح??ل مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخوت، ڀائيچاري، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان سرشار ٿي هڪ متحد ۽ مضبوط بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. عيدالفطر 1445هه جي موقعي تي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جي هن خوشي جي موقعي تي پوري پ??ڪس??اني قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو، آئون الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان هي مبارڪ ڏينهن اسان جي لاءِ تمام گهڻيون برڪتون، خوشيون، امن ۽ سلامتي آڻي. هن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ روزا، نماز ۽ صدقن ڏيڻ ??انپوءِ هن مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن بي شمار نعمتن ۽ توفيق سان اسان کي رمضان المبارڪ جو?? اهي سموريون سعادتون ۽ خوشيون نصيب ٿيون آهن. رمضان دوران اسان الله جي اطاعت، تقويٰ، همدرديءَ ۽ سخاوت جي اصولن تي عمل پيرا ٿياسين. هن چيو ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي. هي مبارڪ ڏينهن ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اسان ضرورتمندن، لاچارن، غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جي ڀرپور مدد ڪندي انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪريون. صدر چيو ته آئون پ??ڪس??اني قوم پاران غزه ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ اهو پيغام ڏيڻ ??اهيان ٿو ته پوري پ??ڪس??اني قوم توهان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اسرائيل جو ظلم، ڏاڍ ۽ نسل ڪشيءَ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته اسان کي خوشي جي هن موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پڻ نه وسارڻ گهرجي. آئون انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته پوري پ??ڪس??اني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پ??ڪس??ان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل تائين انهن جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون هن مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي هر پ??ڪس??اني ۽ پوري مسلمان امت جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ اسان جي قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي، اسان کي نيڪي جي راهه تي گامزن فرمائي ۽ اسان کي اتحاد، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.