اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن ک?? وڌيڪ ??يج??و آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، مع??شت?? ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن ک?? انتهائ?? اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون ک??لڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.