اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي گ??يل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جي ??اءِ 23 ارب رپين جي امدادي رقم جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تب??هه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، عوام جي ??سئلن کي گڏجي ??يهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي ??عاملي تي ڪالهه سمورين اتحادي پارٽين سميت اسان سڀني اجلاس ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ فوري فيصلا ڪيا ويا، آزاد ڪشمير ۾ جيڪا هڪ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي هئي انهن جا مطالبا به اسان ٻڌا ۽ 23 ارب رپين جي ??ڏي رقم جو آزاد ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ??اءِ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام سان ملڻ جي ??اءِ ڪجهه ڏينهن ۾ مظفرآباد ويندس، گ??يل ڪوششن جي ??تيجي ۾ احتجاجي تحريڪ اڄ ختم ٿي وئي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ مالي نقصان به ٿيو، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، انهن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڪجهه شهري به شهيد ۽ ڪجهه پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي ??رمان موجب ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اتي امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم سان منهنجي ڳالهه ٿي، اسان کي عوامي نمائندن جي حيثيت سان عوام جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي، عوام جي ??سئلن کي گڏجي ??يهي طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت تمام گهڻو تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تب??هه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، احتجاج دوران انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، اڄ اها تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري، آزاد ڪشمير ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم سميت سمورن اڳواڻن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته آزاد ڪشمير وڃي معاملن کي پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ انشاءَ الله انهي جذبي کي فروغ ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.