اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان واپاري، اقتصادي ۽ سياحتي سرگرمين ک?? فروغ ملندو، هر قسم جي موسمي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر سان مسلسل ۽ قابل اعتماد چرپر يقين?? بڻائڻ ۾ مدد ملندي، گلگت بلتستان ک?? هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال خطو ڏسڻ منهنجي زندگي جومشن ۽ خواب آهي، گلگت بلتست??ن پوري ملڪ جي ترقي جي انجڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪست??ن پيپلزپارٽي گلگت بلتستا?? جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي گلگت بلتستا?? جي ماڻهن ک?? درپيش مسئلن بابت ٻڌايو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ هر موسم جو روڊ انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي. صدر گلگت بلتستان ۾ ترقياتي سرگرمين ک?? تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪارڊيالوجي اسپتال ۽ نرسنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا، اسڪردو ۽ گلگت جي وچ ۾ هر قسم جي موسم جي رستن ۽ سرنگه?? جي تعمير سان ڪاروبار جي لاءِ پهچ ۽ چرپر ۾ بهتري ايندي، گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان ??اما?? جي چرپر، رابطن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بهتر ٽرانسپورٽ سان ??حت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن جهڙين خدمتن تائين ماڻه?? جي پهچ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، صدر گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ گلگت جي هوائي اڏي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي صحت جي شعبي ۾ قدمن سان ماڻهن ک?? چانئٺ تي صحت جون اعليٰ معياري خدمتون فراهم ڪري سگهبيون، گلگت بلتستان ??حت ۽ تعليمي سهولت?? جي فراهمي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت سميت اقتصادي ترقي ۽ واپاري سرگرمين جا وسيع امڪان ??هن. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي هائيڊرو اليڪٽرڪ صلاحيت کي مقامي ۽ قومي توانائي جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. وفد سياحت، اقتصادي سرگرمي?? جي فروغ، بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم?? جي ضرورت آهي. وفد صدر کي گلگت بلتستا?? جي ماحولياتي مسئلن بابت پڻ ٻڌايو. وفد ٻڌايو ته ٻيل?? جي فروغ خاص طور تي اخروٽ جي وڻ?? جي وڻڪاري سان ڳرندڙ گليشيئرز کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر وفد کي گلگت بلتستا?? جي ترقي جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.