اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر في??ل ڪ??يم ڪنڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئ??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خيبرپختونخواهه جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي في??ل ڪ??يم ڪنڊي کي مبارڪباد ڏني. في??ل ڪ??يم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي گورنر جي عهدي جي لاءِ اعتماد ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه جي گورنر کي عوامي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. صدر آصف علي زرداري في??ل ڪ??يم ڪنڊي جي لاءِ پنهنجا فرض بهتر طريقي سان سرانجام ڏ??ڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.