راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو ??فا??ي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو ??فا??ي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزي??اع??م جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزي??اع??م سان گڏ آهن. وزي??اع??م جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي و??يڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزي??اع??م پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزي??اع??م گڏيل عرب امارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزي??اع??م جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزي??اع??م جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.