اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذولفقار علي ڀٽو کي ملڪ ۾ ج??هوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چي?? ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت خاطر پن??نجي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پارٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چي?? ته 5 جولاءِ تي شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ما??شل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ما??ي جون غلطيون نه ورجايو وڃن. ملڪ ۾ ج??موري نظام مضبوط ڪيو وڃي،سينيٽر سيد مسرور احسن چي?? ته اسان کي 5 جولاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سينيٽر سيف الله ابڙو چي?? ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.