اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪندي، ان کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني آهي. جڏهن ته پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها لاءِ پيداواري ڪمپنين ايندڙ ??ن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آ??ي، پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي ن??ائندن سميت نائب وزيرا عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، سيد محسن رضا نقوي، انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا اح??ان افضل، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ ??ن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، ??ن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ??ان پيٽروليم ۽ گئس جي پاڪستان ۾ ڳولها لاءِ 240 جاين تي کوٽائي ڪئي ويندي. وفد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جيڪي سنجيدگي ??ان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيو، ا??ان پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ، انهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ لاءِ توهان جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولها ا??ان جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته پاڪستان مقامي سطح تي تيل ۽گئس جي درآمد تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪندو آ??ي، وزيراعظم چيو ته مقامي ذخيرن جي پيداوار ??ان پاڪستان جو قيمتي ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهو لاءِ ٻارڻ ۽ گئس سستا ٿيندا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار، سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل هوندا، ڪميٽي شعبي جي ن??ائندن ??ان صلاح مشوري کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولها ۽ ترقي لاءِ پرڪشش پاليسي جوڙڻ لاءِ تجويزون تيار ڪندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم هن شعبي جي مسئلن کي سنجيدگي ??ان حل ڪرڻ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين سبب پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنيون ايندڙ ??ن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪنديون.سيڙپڪاري ??ان ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي تيل ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي منافعي جي مد ۾ ناڻو انهن جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آ??ي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جي حل ۽ جوڙيل ڪميٽي کي جلد پاليسي تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.