اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي ??ي پي) گهرو معاملن ??اري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرس??ان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جهڙن بهادر پٽن تي پاڪس??ان کي فخر آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بهادري سان وڙهندي پنهنجي جان وطن ??ان نڇاور ڪئي، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جان ڏئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جهڙا پٽ پاڪس??ان جو فخر آهن، قوم پنهنجي بهادر شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جي قرباني کي هميشه ياد رکندي، سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن ??نهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي. وفاقي وزير شهيد ڪيپٽن محمد اسامه جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.