اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي ب??رڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قو??ي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافي?? کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپڪرز کي به گورننگ ب??رڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راش??ي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.