اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پ?? پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري و??رن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪار?? ڪميشن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي و??ير، نجڪار?? ڪميشن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پ??را لهن ٿا انهن کي نجڪاري جي عمل ۾ ضر??ر شامل ڪريو. نجڪار?? ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظو??ي ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني و??ي.