اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي ) ربيع الاول 1446هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اربع ) ڏينهن 4 سيپٽمبر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئر مين م??لانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن و??ري وزارت جي ترجمان م??جب زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين ??ا اجلاس پنهنجن پنهن??ن هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ يا نظر نه اچڻ جي حوالي سان اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئر مين م??لانا عبدالخبير آزاد سڄي ملڪ مان م??يل شاهدي?? کي نظر ۾ رکي ڪندو. اجلاس مذهبي معاملن و??ري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ شام جو 5 وڳي منعقد ٿيندو. موسميات کاتي مان چيف ميٽرو لاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز، اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فني مدد ڪندا.