ڪوئيٽا-04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن. ڪانگو سبب متاثر ??ريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي. فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊيزيز جي انتظاميه مطابق ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد جي رهواسي 55 ورهين جو عبدالمجيد ۽ لورالائي جو رهواسي 60 ورهين جي خان محمد کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جن جي ٽيسٽ جا نمونا ليبارٽري مو??لي?? ويا، جنهن جا نتيجا پازيٽو آيا آهن. بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس سبب متاثر ??ريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا ڪانگو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.