اسلام آباد-13 سيپٽمبر (ا?? پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌ?? پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجم??ن جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌ?? پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن نئي جذبي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن پنھنجا سمورا وينڊرز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن کي عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ اسان سان ??ڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپور??شن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊرز ۽ سپلائرز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.