اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي جي علائقي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي و??قع?? جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم و??قع?? ۾ قي??تي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم مارجي ويلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان??ن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم و??قع?? ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ ان??ن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم و??قع?? جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون.