نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79ه??ن ساليانو اجلاس شروع ٿ?? ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ته غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمباري هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آهي. انتونيو گوتريس چيو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي لبنان به جنگ جي ??يجهو آهي، لبنان کي هڪ ٻيو غزه نه ??ڻج?? گهرجي. هن چيو ته سزا کان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان دنيا جي ??اءِ وڌندڙ خطرو آهي. دنيا ۾ سزا کان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ اخلاقي لحاظ کان ناقابل برداشت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي ??اءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪامياب بڻائي.