اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صيهوني فوج ج?? عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شه??ين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف جي صدارت ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ پاڪستان پاران امدادي سامان موڪلڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين پاڪستان پاران 1810 ٽن تي ٻڌل د??ائ??، غذائي سامان، ملبوسات ۽ ٻين امدادي شين جون 10 کيپ فلسطين موڪليون ويون آهن، وڌيڪ پاڪستاني شه??ين کي جنگ سٽيل علائقن مان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم ٽن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت پاران فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ??يو ته صيهوني فوج ج?? عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، امدادي سرگرمين ۾ ملڪ جي ناليواري اين جي ايوز کي شامل ڪيو وڃي، غزه سان تعلق رکندڙ وڌ کان وڌ شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان سرگرمي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن جي شرڪت يقيني بڻائي وڃي. هن ??يو ته پاڪستان حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شه??ين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي.