راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ?? 32 ??ک روپين جي ماليت جي منشيات ه?? ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ويجهو 69 گ??ام چرس ه?? ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آب??د ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گ??ام چرس ه?? ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 50 گرام، فيصل آب??د ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار جي قبضي مان 600 گ??ام آئيس هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابدار کان 300 گ??ام چرس ۽ 200 گ??ام آئيس هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 940 گ??ام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال روڊ لاهور تي ج??ابدار جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گ??ام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گ??ام آئيس هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي ج??ابدار کان 360 گ??ام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابدار کان 9 ڪلو گ??ام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.