نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ??ئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پ??ڪس??اني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پ??ڪس??ان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ??عا??ن جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي ??گهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.