اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) توا??ائ?? بابت ڪابينا ڪميٽي بج??ي جي پيداوار ۽ خريد جي لاءِ هڪ انڊيپنڊنٽ ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان اداري جي ذريعي پاڪستان ۾ بج??ي جي هڪ موثر ۽ شفاف چٽاڀيٽي مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، ان اداري سان گهٽ لاڳت بج??ي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام جي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توا??ائ?? بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي توا??ائ?? جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ وڏا قدم کنيا، بجلي پيداوار ۽ خريد جي لاءِ هڪ انڊيپنڊنٽ ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) جي جوڙجڪ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ڪابينا کان توثيق ڪئي ويندي، آءِ ايس ايم او کي ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت ايس اي سي پي سان رجسٽرڊ ڪيو ويندو. آءِ ايس ايم او حڪومت جي ملڪ ۾ بج??ي جي واحد خريدار جي ڪردار کي ترتيبوار ختم ڪري بج??ي جي مارڪيٽ کي ملٽي پليئر انڊيپنڊنٽ مارڪيٽ ۾ تبديل ڪندو. هن اداري جي ذريعي پاڪستان ۾ بج??ي جي هڪ موثر ۽ شفاف چٽاڀيٽي مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي. ان نظام سان بج??ي جي ص??رف??ن کي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کانسواءِ ٻين سپلائرز کان بجلي خريد ڪرڻ جي سهولت فراهم ٿي سگهندي. هن اداري جي گهٽ کان گهٽ لاڳت جي بج??ي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام جي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ايس ايم او جي قيام سان بج??ي جي شعبي ۾ گردشي قرض ۽ بج??ي جي اگهن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. آءِ ايس ايم او جي بورڊ ۾ بج??ي جي شعبي ۾ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي بج??ي جي شعبي جي گردشي قرضن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بج??ي جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بج??ي جي شعبي ۾ چوري ۽ نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ۽ موثر بڻايا وڃن. بجلي چوري ۾ ملوث ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ملازمن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي. بج??ي جي شعبي جي سڌارن ۽ چوري جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، توا??ائ?? واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، پاور ۽ فنانس واري مملڪتي وزير علي پرويز ۽ توا??ائ?? بابت ڪابينا ڪميٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.