اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ?? پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس ??ي موقعي تي ملاقات ٿي ج??هن ۾ ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏي??هن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان واپار، توانائي ۽ مواصلات سميت علائقائي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.