دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرح??ان بن جاسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو و??د پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي قطر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.