اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ليسوٿو جي وز??راعظ?? سام ميٽيڪني سا?? سا??وا جي شهر اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ليسوٿو جي وچ ۾ گڏيل قدرن، ??ڏيل اعتماد ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوا?? سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ وسيع تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.