اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن ن??وي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي بربريت ج?? مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪنهن قسم جي رع??يت جا حقدار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن ن??وي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. محسن ن??وي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي واقعي جي ??يت??ي به مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفاقي گهرو وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.