اسلام آب??د – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينه ??وڪ منصوبو 2 مهينن ۽ ايف نائن منصوبو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪ??ڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته اها اسلام آب??د ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايس سي او جي ڪامياب انعقاد تي نائب وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سيڪيورٽي ادارن سميت سمورن حصيدارن جو ٿورائتو آهيان، اسلام آب??د کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ان کي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ايونيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه ??وڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايف نائن ۽ سرينه ??وڪ تي ٻن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، هي اسلام آب??د ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايف نائن فلاءِ اوور جو منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو هاڻي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اهڙي طرح سرينه ??وڪ جو منصوبو 2 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اسلام آب??د جي رهواسين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي تيزي سان منصوبن جي تڪميل تي ساراهيان ٿو، هن پنجاب وارو پنهنجو ر??ار?? برقرار رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او ڪانفرنس پرامن انداز ۾ بخوبي سرانجام تي پهتي، ان ڪانفرنس جي لاءِ وفاقي گهرو وزير ۽ سي ??ي اي چيئرمين جي ٽيم اسلام آب??د کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، اهو ڏسڻ وٽان هو، اطلاعات واري وزير ڪانفرنس سينٽر جي رنگ روغن جي لاءِ سي ??ي ايي سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، انهن ڏينهن رات محنت ڪري ايس سي او ڪانفرنس کي هر طرح سان ڪامياب بڻايو، نائب وزيراعظم ۽ سندس ٽيم پڻ ان ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته آءِ جي اسلام آب??د کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، آرمي چيف سيد عاصم منير جي هدايتن تي راولپنڊي 10 ڪور ۽ ايس ايس جي ڪور سيڪيورٽي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪئي، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان کي مهمان نوازي جو موقعو مليو هو. هن چيو ته چين جي وزيراعظم، روس جي صدر سميت اهم ملڪن جا سربراهه پاڪستان آيا، انهن اسلام آب??د جي خوبصورتي کي ساراهيو، اسان کي پنهنجي شهر جي ان خوبصورتي کي نه رڳو برقرار رکڻو آهي پر ان ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته جئين سڄو سال جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان مهمان اچن اهي ان جي خوبصورتي کي ڏسي خوش ٿين، اسلام آب??د قدرتي حسن سان مالامال آهي، ان ۾ وڌيڪ نکار ايندو ۽ اهو سياحن جو مرڪز بڻجندو، اهو نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو مثالي شهر بڻجندو. ان موقعي تي وزيراعظم جناح ايوينيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه ??وڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. تقريب کي گهرو وزير محسن نقوي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سي ??ي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا منصوبي بابت بريفنگ ڏني.