اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي امڪاني احتجاج جي حوالي س??ن موبائيل سروس جي بندش بابت فيصلو اڄ ٿيندو. هن اها ڳالهه ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چئي، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته ??ڪومت احتجاج جي حوالي س??ن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حتمي حڪم تي عمل ڪندي. هن چيو ته ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طلبي تي مان، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون، اسان عدالت کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي، هاڻي عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي عمل ڪندي.