اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻو ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي دوري تي آيل بيلاروس جي صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آ??ياڻي ۾ بيلار??سي وفد جي ميمبرن ۽ پاڪستاني ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي.