اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هم??شه هڪ المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه بينظير ڀٽو شهيد جي 17 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي اس??امي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مخالف ڌر جي پهرين عورت اڳو??ڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمندي سان غير جمهوري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏک??ائ??ون برداشت ڪيون، هن هارين، مزدورن ۽ پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، شهيد محترمه جي شهادت سان ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اس??يڪر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي ??رپ??ش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي عمل ڪري ملڪ کي ??رپ??ش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.