اسلام آ??اد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پوري قوم متحد ٿي ان وبا جي خلاف جنگ کٽيندي، ان حوالي سان قوم جي هر ماڻهو کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيترو وڌيڪ احتياط ڪيو ويندو نقصان اوترو گهٽ ٿيندو ۽ لاڪ ڊائون سبب سڀ کان و??يڪ معاشري جا غريب ۽ ڪمزور طبقا متاثر ٿيا آهن، رليف فنڊ مان حاصل ٿيندڙ سموري رقم انهن ??ي امداد تي خرچ ڪئي ويندي، امير ۽ سرندي وارو طبقو ان مشڪل وقت ۾ اڳتي اچي، احساس پروگرام مل??ي تاريخ جو سڀ کان و??و ۽ شفاف پروگرام آهي جنهن جي فنڊز جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي هاڻي اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، ننڍن دڪانن، ڪاروبار ۽ تع??ير??ت کي کولڻو پوندو، تع??ير??ت جو شعبو ٻين صنعتن لاءِ به محرڪ جو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت دنيا کي هڪ وڏو بحران درپيش آهي تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته ان کانپوءِ پاڪستان و??يڪ مضبوط مل?? طور اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان مل??ي تاريخ جي سڀ کان و??ي احساس ٽيلي ٿون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مل?? جي مختلف چينلز سان لاڳاپيل اينڪرز به ٽيلي ٿون ۾ شريڪ هئا.