اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪ??ي سيڪريٽري پير سيد ??بيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد ??سرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظ??ت حسين شاهه ۽ علامه محمد اصغر شامل هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طو?? تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي.