اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چي?? آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان ??بق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکي?? آهي، خدش?? آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران ??ان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدم?? آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ??ن واقعي مان ??بق سکون، عالمي برادري کي مست??بل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.