اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي ??اهداري منصوبو اڳوڻي حڪومت ذاتي منصوبو بڻايو هو، ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو انهن تباهه نه ڪيو هج??، ملڪ کي گروي رکرايو، سي پيڪ جي منصوبي جا وڏا دشمن آهن، مخالف ڌر کي انهن جي هٿن ۾ نه کيڏڻ گهرجي، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي محبت جو نمونو بڻجندو، سي پيڪ اٿارٽي جو بل قومي اسيمبلي ۾ اڄ پيش ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ اٿارٽي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي رٿ بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان طرح جي قدمن سان دوستن کي غلط پيغام ويندو آهي ۽ دشمنن کي خوشي ٿيندي ??ه??، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، ڪنهن قسم جي سازش سي پيڪ منصوبي کي ڊي ريل نٿي ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سينيٽر رضا رباني جي سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ??فا??ي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪو ڪنهن سياسي پارٽي جو منصوبو نه آهي، اهو چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن ۽ عوام جو منصوبو آهي، ان کي غير ??ياي بڻائڻ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرن ۽ ان تي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي ٺاهي ۽ آرڊيننس جي ذريعي ان جو قيام عمل ۾ آندو ويو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ قومي مفاد جو ڪو ڪم هجي مخالف ڌر راهه ۾ رنڊڪ وجهندي ??هي ۽ ان تي اعتراض ڪندي ??هي، هن اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ منظور ٿيل فيصلن کي به پاڻ رد ڪيو، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي پر اهي سچ نٿا ٻڌي سگهن، سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم جاري آهي ۽ اهو پاڪستان ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي.