اسلام آباد ?? 10 ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪ??هن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي ت??او?? تنظيم جي مل??ي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.