اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شع??ن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊ??لر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊ??لر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊ??لر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراه?? ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ ??ڻ ڪئي.