اسلام آباد – 20 – مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي چونڊ عمل آسان ۽ ان تي عوام جو اعتماد وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، لاڳاپيل ادارا ووٽنگ مشين جي جلد تياري لاءِ ٽائيم لائنز طئي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم خان سواتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يوفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽ??ي نديم ارشاد ڪياني، نادرا جي وقت چيئر??ين خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد سيڪيورٽي خاصيتون رکندڙ ووٽنگ مشين جي تياري جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو وي??. س??ئنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي نموني جي تياري جي باري ۾ اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.