اسلام ??باد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ واضح ڪيو آهي ته ڪشمير جي غيرتمند عوام ??مورين مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪاري تائين ڀارت جي هٽلر جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تصويري نمائش جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ياسين ملڪ جي ڌيءَ رضيه سلطانه ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل سبين حسين ملڪ پڻ موجود هئا. مشعال حسين ملڪ چيو ته فنڪار ۽ مصور پنهنجي قلم، برش ۽ نظمن کي استعمال ۾ آڻي دنيا کي والاريل واديءَ جي المناڪ صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تصويري نمائش ??الاريل ڪشمير جي ماڻهن تي ڀارتي فوج جي بربريت ۽ ڀارتي ظلم سڄي دنيا آڏو آڻڻ جو اهم ذريعو آهي. مشعال ملڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي، رياستي ڏاڍ ۽ مودي سرڪار جي ڪڌي حربن کي سڄي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تمام ??هم آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ سميت سينيئر حريت اڳواڻ حراست هيٺ آهن ۽ انهن کي انهن جي بنيادي ۽ قانوني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته نريندر مودي جي سرپرستي ۾ هندوتوا حڪومت فسطائي حربن کي استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان والاريل واديءَ کي هڪ سب جيل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. مشعال حسين ملڪ چيو ته آرٽ جو ڪشميري عوام جي جدوجهد جي اظهار ۾ اهم ڪردار آهي ڇو ته آرٽ ڪشمير مسئلي جي ڏک ۽ درد کي بيان ڪري هر ڪنهن جي دلين تائين پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته اين سي اي جو دل ۾ هڪ خاص مقام ??هي ۽ هوءَ سدائين انهن جي تقريبن جو حصو بڻجي حوصلا افزائي ۽ اعزاز محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ??شمير ڪاز کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهم منعقد ڪئي. هن خاص طور تي ڪشمير ڪاز کي سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اين سي اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن کي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ تمام ??روري آهي. هن چيو ته فاشسٽ مودي حڪومت ڀارتي غاصباڻي قبضي تحت والاريل ڪشمير تي مسلسل ظلم جاري رکيو آهي ۽ ڏوهاري طريقن سان ڊيموگرافي پڻ تبديل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير جي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي تحفظ جو واعدو پورو ڪنداسين. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته ڪشمير کي پنهنجي قراردادن موجب آزادي ڏياري ۽ ان تڪرار کي ڪشميرين جي امنگن موجب جلد کان جلد حل ڪرائي. هن نمائش ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو ۽ ان نمائش ??نعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري جا ٿورا مڃيا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ جو استقبال ڪيو.