اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته تيل جي ??يم??ن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تيل جون ??يم??ون ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کا?? گهٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. قومي اسيمبلي ۾ تيل جي ??يم??ن ۾ اضافي تي پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اوپيڪ جي باسڪٽ ??يم?? ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ تيل جي ??يم??ن ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضافو ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 رپيا بڻجي ٿو جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي ??يم?? ۾ 41 بدران 25 رپيا ۽ ڊيزل جي ??يم?? ۾ 24 رپين بدران 21 رپيا اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ان جي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏکڻ ايشيا جي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون ??يم??ون گهٽ آهن. هن چيو ته جنوري ۾ پيٽرول جي ??يم?? 116.7 رپيا ۽ ڊيزل جي ??يم?? 127.26 رپيا هئي. حڪومت پيٽرول جي ??يم?? ۾ 42 رپيا ۽ ڊيزل جي ??يم?? ۾ 47 رپ??ا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ته موجوده اضافي جي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي ??يم?? 17 رپيا ۽ ڊيزل جي ??يم?? 26 رپ??ا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 رپيا آهي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 رپيا في ليٽر آهي. هن چيو ته جنهن وقت عالمي منڊي ۾ تيل جي ??يم??ن ۾ گهٽتائي ٿي ته حڪومت عوام کي فائدو منتقل ڪيو جڏهن اضافو ٿيو ته اسان هڪ حد تائين اضافو ڪيو.