اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معا??ن ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ جي شروعات کان ئي زندگي ۽ روزگار ۾ توازن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان وبا کي سمارٽ لاڪ ڊائ??ن ۽ ايس او پيز تي ع??لدرآمد جهڙن بنيادي قدمن ذريعي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو.