اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير ??هي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ??رڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير ??ڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ??يل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول ??ي واضح طور تي ڏي??اريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائقو ڏي??اريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.