اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ ??ي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو افغان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چي?? ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چي?? ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وز??راعظم عمران خان چي?? ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي ح?? نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي ح?? ڪري سگهجي ٿو، هن چي?? ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چي?? ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي